گڏيل قومون-07 جون (اي پي پي) چين وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو آهي. چائنا ميڊيا موجب گ??يل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ يورپي يونين جي سياسي ۽ سلامتي ڪميٽي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير رسمي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن کي اهو وهم نه هجڻ گهرجي ته هو ميدان جنگ ۾ بالادستي حاصل ڪري ٻئي ڌر کي ڳا??هي?? جي ميز تي آڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. اهڙي سوچ صرف محاذ آرائي کي وڌيڪ وڌائي ??گهي ٿي ۽ جنگ کي ڊيگهه ڏئي ??گهي ٿي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ سمورن ملڪن جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ۽ متوازن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. هن هڪ متوازن، موثر ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريندي چيو ته دنيا کي اڄ وڏا چئلينج ۽ سلامتي جي سنگين صورتحال درپيش آهي. تڪرارن ??ي خاتمي، امن جي بحالي ۽ مختلف خطرن کي موثر طريقي سان منهن لاءِ اسان کي تڪرارن ??ي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ گهرجي، گڏيل طور تي امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ گهرجي.
چين پاران وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن