ڪازان – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتو نيوگوتريش برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رو?? جي ڏکڻ اولهه شهر ڪازان پهچي ويو. تاتارستان جي رياستي ڪائونسل جي پريس سروس ٻڌايو ته گادي واري شهر ڪازان جي عالمي هوائي اڏي تي جهموريه تاتارستان جي رياستي ڪائونسل جي چيئرمين فريد مخميت سين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استق??ال ڪيو . 16 هين برڪس سربراهي ڪانفرن?? جي ان ايسوسي ايشن ۾ رو?? جي سربراهه جي اهم تقريب آهي . ڪازان ۾ 22 کان 24 آڪٽوبر تي اها تقريب منعقد ٿي رهي آهي. برڪس گروپ جو بنياد 2006 ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين رکيو هو جنهن ۾ ڏکڻ آفريقا 2011ع ۾ شموليت اختيار ڪئي . پهرين جنوري 2024ع تي مصر، ايٿوپيا، ايران، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات پڻ ان جا مڪمل ميمبر بڻجي ويا. ڪازان سربراهي اجلاس برڪ?? جي نون ميمبرن سميت 30 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن جي شرڪت متوقع آهي.
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس جي شهر ڪازان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین