اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو آهي ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ ئي هڪ بنا جواز مهم شروع ڪئي وئي، چئن سالن دوران ڇا ڇا ٿيندو رهيو، هن وقت ٻڌائي نٿو سگهان، هاڻي هي ٽيون حملو ٿي رهيو آهي، ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، تڪراري جي آءِ ٽي جي تڪراري رپورٽ مخالفن جي بي بنياد الزامن جو مجموعو آهي، چار هزار صفحن ۾ ڪرپشن ۽ ب??عن??اني جو ڪو الزام نه هنيو ??يو. مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نو??ز شريف چيو ته تڪراري جي آءِ ٽي جي تڪراري رپورٽ اسان جي مخالفن جي بي بنياد الزامن جو مجموعو آهي، ان رپورٽ ۾ اسان جي موقف ۽ ثبوتن کي غلط قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪي ٺوس دستاويز پيش نه ??يا ويا. هن چيو ته رڳو اسان جي خاندان جي 62 سالا ڪاروباري معاملن کي مفروضن، سورس رپورٽن، بهتانن ۽ الزام تراشين جي بنياد تي نشانو بڻايو ويو آهي.
ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا