ڪراچي – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي قوم جي اتحاد سان ناڪام بڻايو ويندو، قوم دهشتگردي جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??ي پنهنجي ڀرپور اتحاد جو ثبوت ڏنو. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. ڪانووڪيشن کي بقائي يونيورسٽي جي چي??رمين زاهده بقائي پڻ خطاب ڪيو. صدر ممنون حسين چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري سياسي عدم استحڪام ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي ڪ??ي پورو ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ ڪراچي مختلف مسئلن جو شڪار رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ