اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي ٻارڙن واري شعبي جي اهتمام هيٺ يوم قائداعظم جي سلسلي ۾ منعقد هفتو تقريبن جي پهرين ڏينهن پي اين سي اي آڊيٽوريم ۾ راولپنڊي، اسلام آباد جي ا??ڪول ?? ڪاليجز جي ٻارن جي وچ ۾ نوجوان جي نظر ۾ ”قائداعظم“ جي موضوع تي تقريري مقابلو ٿيو، انهن تقريبن جو مقصد نوجوان نسل کي باباءِ قوم جي عملي زندگي، جدوجهد ۽ پاڪستان لاءِ قربانين کان آگاهه ڪرڻ آهي، نوجوان نسل پنهنجي تقريرن ۾ باباءِ قوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي جدوجهد، محبت، حوصلي ۽ زندگي جي سمورن رخن تي روشني وڌي، محمد علي جناح ج??هن پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، پنهنجي ساٿين کي پنهنجي تقريرن ۾ انهي خواب ۽ مشن کي پورو ڪرڻ جي تلقين ڪئي، باباءِ قوم جي ا??ول ?? عمل کي پنهنجي لاءِ عمل جي راهه ??ڻائڻ تي زور ڏنو
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis