اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪو??ونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اها انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن ??روعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ڪيترن ئي هفتن تائين بهترين ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد کان اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊ??پلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن ??هي پنهنجي زندگين سان گڏوگڏ ٻين جي زندگين کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ طاقتور هٿيار حفاظتي تدبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذميواري آهي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، بنا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي اڄ به ڪو??ونا جي ڦهلاءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح آهي پر مهينن ۽ سالن جي لاءِ قومن کي بند نه ٿو ڪري سگهجي، صحت جو نظام وڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو اڄ تائين هڪ ڏينهن ??ه ناهي رُڪيو، دنيا ۾ عالمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪو??شن کي ساراهيو، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کانپوء?? جيڪڏهن ڪنهن ??و ڪم مشڪل آهي ته اهو پوليس جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
قوم انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ