اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي معاملن، دفاع، ناڻي ۽ گهرو معاملن وارن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي، نيوي، ايئرفورس جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت اين سي اي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اين سي اي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي ٺوس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظها?? ڪيو. اين سي اي ان ڳ??له?? کي ورجايو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست طور ??ي ائٽمي سلامتي ۽ ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي قدمن کي بهتر بڻائڻ جي عالمي ڪوششن ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو رهندو. اين سي اي کي خطي ۾ تڪرارن جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي اي روايتي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ وڏي پئماني تي هٿيارن جي عدم توازن تي ڳڻتي جو اظها?? ڪيو ۽ چيو ته اين سي اي ان اڳڀرائي کي امن ۽ سلامتي جي لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿي ۽ ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. اين سي اي گهٽ کان گهٽ ڊيٽرنس جي پاليسي موجب فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس کي برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيتن جي اڳڀرائي ??ي اطمينان جو اظها?? ڪيو. اين سي اي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ اسٽريٽجڪ فورسز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ساراهيو جن جي مسلسل ڪوششن پاڪستان کي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻاي?? آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج