اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ت?? پاڪستان جي رياست باهه ۽ رت جو هڪ درياءُ مان ٿي نڪتي آهي، اسان هزارين ماڻهن جون قربانيون ڏنيون آهن، انهن قربانين جي نتيجي ۾ اسان القاعده جهڙي دهشتگرد تنظيمن کي شڪست ڏني، هندستان جي باقيات کي به مڪمل ڪيو، هاڻي اسان کي ا??تي وڌڻ جي ??رو??ت آهي، وزيراعظم اڄ جيڪي اصول جوڙيا اهي ئي اصول آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي واپس ر??تي تي آڻي سگهون جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان جي ر??تي تان جدا ٿي ويا هئا ته جئين اهي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن، جمعي کانپوءِ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ ه?? چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي بيان کي کڻي ڪافي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ??رو??ي آهي ته ان جو هڪ پس منظر عوام جي سامهون رکيو وڃي، ه?? چيو ته الحمدالله اڄ پاڪستان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ پرعزم بيٺل آهي، هاڻي اسان کي ا??تي وڌڻ جي ??رو??ت آهي، چوڌري فواد حسي?? چيو ته رياست جون پاليسيون هڪ مخصوص پس منظر ۽ مخصوص حالتن تحت ٺهنديون آهن، انهن مخصوص حالتن ۾ بي شمار خاندان ۽ ماڻهو جيڪي پاڪستان سان عهد وفا نه نڀائي سگهيا، اهي هي عهد نڀائڻ واپس اچڻ چاهين ٿا، ه?? چيو ته بلوچستان ۾ 3 هزار کان وڌيڪ اهي ماڻهو ناراض هئا ۽ هندستان جي چالاڪين جو شڪار ٿيا، اهي واپس اچي چڪا آهن، اهڙي طريقي سان ڪالعدم ٽي ٽي پي جا مختلف گروه آهن انهن گروهن مان به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پاڪستان سان پنهنجي وفا جو عهد نڀائڻ چاهين ٿا ۽ هڪ صلح جو، امن پسند ۽ آئين کي مڃي ا??تي هلڻ جو پيمان ڪرڻ چاهين ٿا، ه?? چيو ته اسان جو مڃڻ آهي ته رياست کي اهڙن ماڻهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته هو زندگي جي ڌارا ۾ واپس اچي سگهن، چوڌري فواد حسي?? چيو ته وزيراعظم جيڪي اڄ اصول جوڙيا آهن جن جي مٿان اسان کي ا??تي وڌڻ چاهيون ٿا، هي اهي ئي اصول آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان جي ر??تي تان جدا ٿي ويا هئا، کي واپس ر??تي تي آڻي سگهون ۽ هو پاڪستان جي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.
پاڪستان جي رياست باهه ۽ رت جو هڪ درياءُ مان ٿي نڪتي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات