اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ڪينيا جي هم ??نصب ريچل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آ??ي، پرڏيهي وزير آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيت??ائ?? مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغا??ين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وزير ڪي??ين هم ??نصب کي نيزوبي ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستا??ين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪي??ين پرڏيهي وزير ريچل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستا??ين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪ??ائ??.
پاڪستان ڪينيا سان گهڻ لاڳاپن جي فروغ لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی