اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ??وڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جاري رکيو آهي. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ کين ٻن مهينن جو راشن ڏن??. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ب??الي جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ٻوڏ متاثرن کي پاڻڀرو ڪرڻ ??ي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جي ??يلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 16650 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 750 پاڻي جون بوتلون ۽ 777 خشڪ راشن جا ٿيلها ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه جي ??يڊيڪل ٽين 920 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب