اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم جي عزم کي ڪمزور ن?? ٿي ڪري سگهي. ايوان صد?? جي پري?? ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو. صد?? چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، قوم پنهنجي شهيدن تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي قوم سدائين ياد رکندي آهي. اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور ن?? ٿيون ڪري سگهن. صد?? پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين، پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد