انقره -03 اپريل (اي پي پي ) ترڪيه جو پرڏيهي وزير حقان فيدان نيٽو جي سال 2024 ع پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو . ٽي آر ٽي موجب ترڪيه نيٽو سربراهي اجلاس ۾ دهشتگردي ??لا?? جنگ کي ايجنڊا ۾ آڻيندو .نيٽو جو پرڏيهي وزير 2024 جي پهرين اجلاس لاءِ 3 کان 4 اپريل تي بيلجيئم جي گ??دي واري هنڌ برسلز ۾ ملاقات ڪندو. اجلاس ۾ ترڪيه جي نمائندگي پرڏيهي وزير حقان فيدان ڪندو. اجلاس جي ايجندا ۾ جنرل ڊٽرنس جي معاملن ، دهشتگردي ??لا?? جنگ ۽ يوڪرين ۾ اڳڀرائي شامل هوندي. سوئيدن ۽ فن لينڊ جي رڪنيت کانپوءِ اتحاد جي تازي صورتحال ۽ واشنگٽن سمٽ جون تياري??ن به ايجندا ۾ شامل هونديون. حقان فيدان اتحادين لاءِ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ هڪ ٻئي تي پابنديون جيڪي اتحاد جي روح جي ??لا?? آهي کي ختم ڪرڻ ۽ يورپ جي دفاع ۽ سلامتي کي بهتر طريقي سان يقيني بڻائڻ جي باري ۾ ترڪيه جي خيالن بابت آگاهه ڪندو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير فيدان جو پنهنجي برطانوي جرمن بلغاريائي ۽ فن لينڊ جي هم منصبن جي سان ٻه طرفيون ملاقاتون ڪرڻ جو به ارادو آهي.
ترڪيه جو پرڏيهي وزير نيٽو جي سال 2024 ع پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن