نيويارڪ-23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل ??سي??بلي يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ روس کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو گڏيل قومن جي چارٽر مطابق فوري طور تي پنهنجي فوج يوڪرين مان واپس سڏائي. يوڪرين تي روس جي فوجي چڙهائيءَ کي ٻيو سال شروع ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪ اڳ عالمي اداري پنهنجي يارهين خصوصي هنگامي اجلاس ۾ هڪ نئون ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. جنرل ??سي??بليءَ جي 141 ميمبر ملڪن ان ٺهراءَ جي حق ۾، جڏهن ته 7 ملڪن ۾ ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ بيلاروس، جمهوريه ڪوريا، ايريٽيريا، مالي، نڪارا گوا، روس ?? شامل آهن. چين، ڀارت ۽ پاڪستان سميت 32 ملڪن راءِ ??ماريءَ ۾ حصو نه ورتو. 11 پيراگراف تي ٻَڌل ٺهراءَ ۾ جنرل ??سي??بليءَ ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته روس فوري طور تي مڪمل ۽ غ??ر مشروط طور تي پنهنجي فوج يوڪرين جي علائقن مان واپس سڏائي ۽ جنگ ختم ڪري. ان ٺهراءَ ذريعي جنرل ??سي??بلي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي غذائي تحفظ، توانائي، ماليات، ماحوليات ۽ ايٽمي سلامتي ۽ تحفظ تي ان جنگ جي عالمگير اثرن کان بچڻ لاءِ ??يڪتا جي جذبي تحت سهڪار ڪن. جٽادار امن جي اهتمام لاءِ ??نهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جنرل ??سي??بلي سمورن ميمبر ملڪن کي اهو به چيو ته اهي انهن اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن ۾ سهڪار ڪن. اجلاس جي شروعات ۾ ان ٺهراءَ تي بحث ٿيو جنهن ۾ جنرل ??سي??بليءَ جي صدر سابا ڪوروشي جو چوڻ هو ته سڄو سال ??سي??بلي جا 193 ميمبر، سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي برادري ان جنگ جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي پاسداري ڪرڻ لاءِ ??ور ڀريندا رهيا ۽ کُليل نموني مطالبو ڪندا رهيا آهن. جنرل ??سي??بلي يوڪرين جي عالمي طور تي تسليم ٿيل سرحدن ۽ سامونڊي حدن ۾ ان جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سلامتيءَ سان پنهنجي وابستگيءَ کي ٻيهر توثيق ڪئي. ٺهراءَ ۾ اهو يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ته عالمي قانونن تحت يوڪرين ۾ انتهائي سنگين ڏوهه جي زمري ۾ آيل قدمن جي آزاد، قومي يا عالمي تحقيقات ۽ قانوني ڪارروائي يقيني بنائي وڃي ته جيئن سمورن متاثرن کي انصاف ملي ۽ مستقبل ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام ممڪن ٿي سگهي. جمعي ڏينهن عالمي اداري بيلاروس طرفان ٺهراءَ ۾ تجويز ڪيل ٻه ترميمن کي رد به ڪيو. پهرين تجويز مطابق ٺهراءَ جي ڪيترن ئي شرطن کي تبديل ڪرڻو هو ۽ ٻي شرط تحت ??سي??بليءَ کي ميمبر ملڪن کي چوڻو هو ته اهي ٻين ڳالهين کان علاوه جنگ سٽيل علائقي ۾ هٿيار اُماڻڻ کان پاسو ڪن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ يوڪرين جنگ جي فوري خاتمي جو ٺهراءُ منظور
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری