مڪو شريف- 23 جون (اي پي پي) حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ سڄي دنيا مان آيل حاجي سڳورن مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ سعودي حڪومت طرفان فراهم ڪيل رهائش، کاڌي پيتي ۽ سفر جي بهترين سهولتن کي ساراهيو آهي. هلندڙ سال 1444هه ۾ پا??ست??ن سميت مختلف ملڪن مان 30 لک کان وڌيڪ حج جو فرض ادا ڪندا. سعودي حڪومت جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ موجب خميس تائين 14 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا فضائي، بري ۽ بحري رستن ذريعي ڀلي پار پهچي چڪا آهن، پا??ست??ن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت 26 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا ڀلي پار پهتا آهن جنهن کي سعودي عرب جي حڪومت ۽ پا??ست??ن وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت اميگريشن سميت ٻ??ن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي حڪومت روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت مختلف ملڪن جي حج پانڌيئڙن کي به س??ولتون ۽ سهڪار فراهم ڪيو آهي، جنهن سان کين ڀلي پار پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه آئي. حاجي سڳورن سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه س??مان بن عبدالعزيز ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان طرفان حاجين جي ميزباني ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ کي ڀرپور ??نداز ۾ ساراهيو ۽ خراج تحسين پيش ڪيو آهي جنهن سبب حاجي سڳورن کي مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ هر قسم جو سهڪار، رهنمائي جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. .
حاجي سڳورن پاران بهترين انتظامن تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاد محمد بن سلمان سان ٿورن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن