گڏيل قومون-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش چيو آھي ته اسرائيل، آمريڪا ۽ فرانس جي جنگبندي جي تجويز کي رد ڪندي نه رڳو پنھنجن حملن ۾ شدت پيدا آڻي لبنان جي گادي واري شھر بيروت سميت سڄي ملڪ ۾ فضائي حملا ڪيا آھن پر ڏکڻ لبنان ۾ زميني فوجي ڪارروائي پڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. لبنان ۾ اسرائيل جي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي غور لاءِ سڏايل سلامتي ڪائونسل جي ھنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري چيو ته تڪرار جي شد?? ۾ ??ضا??و علا??قي جي ماڻھن کي تيزي سان بدحالي ۽ زوال ڏانھن ڌڪي رھيو آھي. ھن چ??و ته ھاڻ ان غيرانساني صورتحال کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي. ھن چ??و ته ھڪ ڇڪتاڻ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. ھن عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ انھن وٽ تمام گھٽ وقت بچيو آھي. ھن چ??و ته اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي ڪيترين سالن کان تڪرار جا??ي آھي، پر گذريل سال آڪٽوبر ۾ سياسي تڪرار جي شد?? ۾ ??ضافو ٿيو آھي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ ڊامائي انداز ۾ وڌي وئي آھي.
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي برادري وٽ گھٽ وقت آھي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ