اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ??يو آهي ته معاشي سهڪاري تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ واپاري شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو. اي سي او جي تيرهين سربراهه اجلاس جي حوالي سان اسلام آ باد ڊڪليئريشن جو مسودو تيار ٿي چڪو ??هي?? 5 ملڪي سربراهه، 3 حڪومتي سربراهه، هڪ ن??ئب وزيراعظم ۽ هڪ خصوصي سفارتڪار سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اي سي او عملدارن جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي پڄاڻي تي صحافين کي بريفنگ ڏيندي اعزاز احمد چوڌري ??يو ته اجلاس ۾ اي سي او جي تيرهين اجلاس جي ايجنڊا جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن. انهن سفارشن کي اڄ اڱاري تي ڪائونسل آف منسٽرز جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري ??انپوءِ اهي سفارشون سربراهه اجلاس جي ايجنڊا جو حصو هونديون.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ