اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مخالف ڌر پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز ??ريف کان ڊنل آهي، هو پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مريم نواز ??ريف جو نالو ڊان ليڪس جي معاملي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراع??م جي ڌيءَ جي خلاف بي بنياد الزامن تي ٻڌل بيان بازي جو مقصد سندن سياسي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي، پاڪس??ان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ چائنه ڪلچر سينٽر جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مبينا ڌانڌلي خلاف ڌرڻي دوران تحريڪ انصاف جي قيادت مريم ن??از کي نشانو بڻايو، پاناما ڪيس دوران به اهو ئي رويو اختيار ڪيو ۽ سندن هڪ سال ۽ 17 ڏينهن ميڊيا ٽرائيل ڪيو ويو ۽ هاڻي ڊان ليڪس رپورٽ اچڻ واري آهي پر مخالف ڌر جي پارٽين وري مريم نواز ??ريف خلاف ڪنهن ثبوت کانسواءِ الزام تراشي شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته وزيراعظم نواز ??ريف جي ڌيءَ خلاف بي بنياد الزامن تي ٻڌل بيان بازي جو مقصد سندس سياسي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي رحمت سان سپريم ڪورٽ مريم ن??از کي وزيراع??م جي زير ڪفالت ۽ لنڊن زمين جي مالڪ هجڻ جي پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي دعويٰ کي رد ڪيو.
مخالف ڌر مريم نواز شريف کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک