اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٽيڪس بنياد جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي هدايت ڪئي آهي ته ??مورين ڌرين جي مشاورت سان منظم ۽ وسيع بنياد تي سڌارا متعارف ڪرايا وڃن، هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻ طرف راغب ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم کي گهربل ٽيڪس سڌارا متعارف ڪرائڻ، ٽيڪس بنياد کي سگهه ڏيڻ، ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ آڊيٽنگ سسٽم ۾ معياري بهتري آڻڻ بابت کنيل م??تل?? قدمن باب?? بريفنگ ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا