ڪراچي – 29 نومبر (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته دف??عي سيڪٽر ۽ خاص طور بحري فوج جو ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪ بحريه موجوده دور جي گهرجن تي پورو لهڻ لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن نيول پليٽ فارمز ۽ ساز ۽ سامان جي آپريشنل صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ني??نل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (اين يو ايس ٽي) سان الح??ق ٿيل پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج جي 29 هين سندون ورهائڻ واري تقريب کي بحريه آڊيٽوريم ۾ خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش