نيويارڪ- 08 جون (اي پي پي) گ??يل قومن غزه ۾ ٻ??رن خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي اسرائيل کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي،ميڊيا رپورٽن موجب اها لسٽ جنهن کي ”لسٽ آف شيم“ به چيو وڃي ٿو گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس جي آفيس پاران پيش ڪيل سالياني رپورٽ سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ جنگ دوران ٻارن خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين بابت لکيو ويو آهي.گ??يل قومن پاران اها رپورٽ جون جي آخر تائين شايع ڪئي ويندي. گذريل هف??ي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته غزه ۾ 5 ٻار 72 ڪلاڪن تائين کائڻ پيئڻ کان محروم رهيا،فلسطيني حڪومت موجب 32 انسان جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي غزه ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت