برلن -08 جولاءِ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان شا?? سان لاڳاپن جي بحالي طرف هڪ ڀيرو ٻيهر قدم وڌائيندي اهڙو اشارو ڏي??دي چيو آهي، ته هو ڪنهن به وقت پنهنجي شا?? جي هم منصب بشار الاسد کي ترڪيه جي دو??ي جي دعوت ڏئي سگهي ٿو. العربيه اردو مطابق اها ڳالهه هن گذريل ڏي??هن جرمني جي گادي واري هنڌ برلن مان هوائي سفر دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. ترڪيه جي صدر يورو 2024ع لاءِ برلن ويل هو. هن چيو ته اسان ڪنهن به وقت شا?? جي صدر کي دو??ي جي دعوت ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته کيس روس جي صدر پيوٽن سميت ڪيترن ئي ٻين عالمي اڳواڻن مشورو ڏنو آهي، ته مان شا?? جي صدر بشار الاسد سان گڏ ترڪيه ۾ ملاقات ڪيان. هاڻي اسان ان مرحلي جي ويجهو پهچي ويا آهيون ته کيس دعوت ڏي??ن ۽ ان جذبي جو اظهار ڪيون، جنهن جو اظهار شا?? جي صدر ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب