بيجنگ-24 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ??وس??ياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۾ اضافي جي حوالي سان چيني ??وس??يات جا ماهر ڪلائوڊ بيسڊ ارلي وارننگ سسٽم (سي اي ڊبليو ايس) لڳائڻ ۽ ڪميشننگ تي تعاون لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندا. گوادر پرو موجب ??وس??ياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪلائوڊ بيسڊ ارلي وارننگ سسٽم (سي اي ڊبليو ايس) لاڳو ڪرڻ بابت تربيتي ورڪشاپ چين جي شهر بيجنگ ۾ منعقد ٿيو. گوادر پرو موجب 7 ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ ??وس??يات کاتي (پي ايم ڊي) جا 20 آفيسر ۽ ماهر تربيت ۽ معلومات جي مٽاسٽا لاءِ گڏ ٿيا. ورڪشاپ جي پڄاڻي کانپوءِ چين جي ??وس??يات جي ماهرن سي اي ڊبليو ايس سسٽم لڳائڻ ۽ ڪميشننگ تي مقامي هم منصبن سان تعاون لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندا. گوادر پرو موجب سي اي ڊبليو ايس ٽريننگ چائنا ميٽرو لوجيڪل ايڊمنسٽريشن (سي ايم اي) ۽ چين جي ماحوليات واري وزارت (ايم اي اي) وچ ۾ هڪ گڏيل ڪوشش آهي. افتتاحي تقريب ۾ سي ايم اي جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر ڪاوزيا زونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي قونصلر خان محمد وزير شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر ڪاوزيا مستقبل ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو جنهن سان انوائرمينٽل سائنس جي ترقي ۽ گڏيل قومن جي يونيورسل ارلي وارننگ انيشيئيٽو تي عملدرآمد ۾ مدد ملندي. گوادر پرو موجب ڪورس ۾ پاڪستان لاءِ ڪلائوڊ بيسڊ ارلي وارننگ سسٽم کي مقامي طور تي لاڳو ڪرڻ بابت مختلف موضوعن جو احاطو ڪيو ويو. سي ايم اي ۽ پي ايم ڊي طرفان گڏيل طور تي تيار ڪيل ان نظام ۾ شديد ??وس??ي نگراني ۽ اڳڪٿي، آبهوا جي ڪاٿي، ??وس??ياتي سيٽلائيٽ نگراني، رمورٽ سينسنگ ۽ ??وس??ياتي م??اه??ي جي سهولت لڳائڻ ۽ سارسنڀال لاءِ ٽيڪنالاجيز شامل آهن. شرڪت ڪندڙن سائيٽ تي ليڪچرز، عملي مشقن ۽ انٽر ايڪٽو مباحثن ۾ مشغول رهيا، قدرتي آفتن جي روڪٿام، وقت کان اڳ ڄاڻ ڏيڻ ۽ مجموعي طور تي آبهوا جي لچڪ کي وڌائڻ ۾ تجربن جو اشتراڪ ڪيو.
چين ۽ پاڪستان وچ ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۾ اضافو، چيني موسميات جا ماهر ڪلائوڊ بيسڊ ارلي وارننگ سسٽم لڳائڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ