اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جو اڀي نندن جي حوالي سان بيان، پي ڊي ايم جي گجرانوالا جلسي ۾ عدالتي م??رور مجرم جي تقرير، ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ بلو??ست??ن ۾ آزاد بلو??ست??ن جو نعرو آئين جي آرٽيڪل 19 جي سراسري خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن اياز صادق ۽ پي ڊي ايم قيادت پارليامينٽ ۾ بيهي انهن شين تي معافي نه گهري ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، اياز صادق جي بيان تي ڀارت ۾ مٺايون ورهايون پيون وڃن، ن ليگ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ذاتي م??ادن جي لاءِ هر حد عبور ڪري وٺندي، اڄ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جي سياست ??ات بدران ملڪي م??ادن جي چوڌاري گهمندي، مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ڪنهن به اڳوان آزاد بلو??ست??ن جي نعري تي نه ندامت ڪئي ۽ نه ئي وري مذمت ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پي ڊي ايم جو بيانيو ئي دشمن جي بياني کي فروغ ڏيڻ آهي، اهو سڀ ڪرپشن زده ماڻهو ۽ عدالت کي گهربل مجرم، دشمن جي بياني کي فروغ ڏئ?? رهيا آهن، پي ڊي ايم جي پ??يٽ فارم تان ڊرامي جو مقصد ادارن تي دٻاءُ وجهي ڪيس واپس وٺڻ ۽ سينيٽ جي اليڪشن کي متاثر ڪرڻ آهي، وزيراعظم عمران خان انهن کي ڪنهن به صورت ۾ محفوظ رستو نه ڏيندو ۽ نه ئي کين اين آر او ملندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪر?? رهيو هو.
اياز صادق ۽ پي ڊي ايم قيادت معافي نه ورتي ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena