اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) نئون پاڪستان هائوسن?? منصوبي تحت معاشري جي ڪمزور خاص طور تي گهٽ پگهادار طبقي جي لاءِ ڇت جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڳوڻين حڪومتن جي ابتڙ موجوده حڪومت پنهنجي منشور تحت گهٽ آمدني واري طبقي کي 50 لک گهرن جي فراهمي جي لاءِ ٺوس ڪوششون ۽ ٺوس عزم جو اظهار ڪندي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز ه??ئوسنگ اٿارٽي کي ذميواري ڏني جنهن حڪومتي هدفن موجب ??خت??ف اسڪيمون شروع ڪيون. اٿارٽي نجي زمين تي گڏيل منصوبن ۽ سرڪاري زمين تي حڪومتي پروگرامن تحت انهن اسڪيمن تي عمل ڪري رهي آهي. ??خت??ف چئلينجن جيباوجود پي ٽي آءِ جي حڪومت پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي فلاحي ملڪ بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت مستحق ماڻهن جي لاءِ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا