پشاور – 20 ڊسمبر (اي پي پي) نئين چونڊيل سينيٽر ۽ ناڻي واري صلا??ڪا?? شوڪت ترين چيو آهي ته معيشت 5 کان 6 سيڪڙو جي حساب سان اڳتي وڌي رهي آهي، معيشت جي بهتري سان مهانگائي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي ۽ عوام کي رليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ خيبر??خت??نخوا اسيمبلي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گئس جا ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته جتي جتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿي رهيا آهن اتان کان پيدا ٿيندڙ گئس کي استعمال ۾ آندو وڃي، هن چيو ته هن وقت به گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني پئي وڃي، شوڪت ترين چيو ته بجلي جي کوٽ جو ڪو به مسئلو نه آهي بجلي جي لوڊشيڊنگ انهن علائقن ۾ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري ٿيندي آهي تنهن هوندي به انهن علائقن ۾ به سمورا صارفين بجلي چوري ناهن ڪ??دا تنهن ڪري صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڄاڻايل تڪن ۾ به بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آ??يو??، جيتوڻيڪ ان عمل جي دوران حڪومت کي مالي نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مهانگائي عالمي مسئلو آهي تنهن هوندي به مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام کي هر ممڪن سبسڊي ڏئي رهيا آ??يو?? ۽ ان سلسلي ۾ بهترين ڳالهه اها آهي ته هاڻي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي گهرن جي تعمير ۽ زرعي مقصدن لاءِ ب??ا وياج قرض به ڏنا پيا وڃن.
معيشت 5 کان 6 سيڪڙو جي حساب سان اڳتي وڌي رهي آهي: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں