اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي مسلمان ??مت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ??ن سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، داعش، ايسٽ ترڪمانستان ??سلامي موومينٽ، ٽي ٽ?? پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ انساني الميي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، مسلمان ??مت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران ??المي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ، انتهاپسندي جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان ??مت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران ??المي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت دنيا جي سمورن تڪرارن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رڳو مسلمان ملڪن ۾ موجود آهن، يمن، شام کان ??وماليه تائين مختلف جايون تڪرارن جو شڪار آهن، دنيا ۾ ٻه ڀاڱي پناهگير شام، ميانمار، صوماليه، افغانستان مان ??چي ??هي?? آهن، اسان کي اندروني انتشار ۽ چئلينجنز تي ضابطو آڻڻو پوندو، مسلمان ??مت جي لاءِ هي وقت آهي ته اها پنهنجي سرحدن جي اندر موجود شورشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري، اسان کي پوري دنيا ۾ اتهاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي پر ج??رح??ت يا ڏاڍ ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏيڻ گهرجي.
داعش، ايسٽ ترڪستان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا