ا??لا?? آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ا??لا?? آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ بين المذاهب مڪالمي ک?? مضبوط بڻائڻ، ا??لا??و فوبيا ۽ ان سان لاڳاپيل عدم برداشت جي رجحانن کي منهن ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته نفرت انگي?? بيانيو، امتيازي سلوڪ ۽ مسلما??ن جي خلاف تشدد پاڪستان جي پاڙيسريت سميت دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکرجي رهيو آهي، ا??لا??ي مشاهير ۽ مقدس جاين جي ڄاڻي واڻي توهين، امتيازي قانونن ۽ پاليسين، حجان تي پابندي، مسجدن تي حملا، انتهائي کاٻي پاسي جي پارٽين پاران ملڪ بدر ڪرڻ جي اعلا??ن جهڙا پرتشدد رويا ڳڻتي جو سبب آهن. هن چيو ته مسلما??ن جي نسل ڪشي، مسلم مخالف تعصب ۽ مسلمان عورتن جي عزت تي حملن جهڙن اڻوڻندڙ سماجي روين جي خلاف متفقه هڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ تي ا??لا??و فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڏينهن طور نام??د ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته يو اين اي او سي کي 2005ع ۾ جوڙيو ويو، ان جي بنيادي مقصدن ۾ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام جي واڌويجهه جي لاءِ پليٽ فارم طور ڪم ڪرڻ شامل آهي.
پرڏيهي وزير سان گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas quina