اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قا??م ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين جي ??زا??ن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل سڌارن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قا??م ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاران اعلان ڪيل جيل سڌارا ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪ??ل ڪر?? وٺن انهن کي معا??ري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪر?? سگهجي، ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قيدين کي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪر?? سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معا??ري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪر?? سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو، سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد