اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ هر قسم جي مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، شخصي آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن بنيادي انساني حق ۽ آزادي سلب ڪيا وڃن ته عوام بي چين ٿي ويندو آهي، جنهن سان م??حول ۾ خراب ٿي ويندو آهي، قومي ترقي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اس??امڪ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ اس??امي واڌ ۽ جامعيت جي موضوع تي ٿيندڙ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اس??يڪر چيو ته پاڪستان انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، ٻاهرين ملڪ مان جيڪو به ماڻهو پاڪستان ايندو آهي اهو پاڪستان جي ثقافت، ڪلچر ۽ مه??انوازي مان م??اثر ٿيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهي. پاڪستاني قوم انتهائي ملڻي ۽ خوش اخلاق آهي، پاڪستان ۾ مختلف مذهب ۽ نظرين سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهندا آهن، اس??يڪر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف مذهبن وارا گڏيل احترام ۽ هم آهنگي سان گڏجي پرامن انداز ۾ رهي رهيا آهن، انهن جو هڪ زنده مثال اڃان به اسان ۾ موجود آهي، اسان جي هن تقريب جي ميزبان اڳوڻي قومي اس??مبلي جي ميمبر آسيه ناصر صاحب جو تعلق پاڪستان جي مشهور مذهبي سياسي جماعت جمعيت علماءُ اس??ام سان آهي، آسيه ناصر صاحبه حضرت عيسيٰ عليه اس??ام جي دين جي پيروڪار آهي. ان م??ن توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مثبت سوچ رکڻ وارا ماڻهو پنهنجي پنهنجي مذهب سان تعلق رکندي به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا، پاڪستان جي جهنڊي جو رنگ سائو ۽ اڇو آهي، سائو رنگ ان ڳالهه جي علامت آهي ته پاڪستان جي اڪثريت اس??ام سان تعلق رکندي آهي، پاڪستاني جهنڊي جو اڇو رنگ امن ۽ ڀائيچاري جي علامت آهي، اڇو رنگ پاڪستان ۾ رهندڙ قليتي طبقي جي نمائندگي ڪندو آهي، هن چيو ته آئون توهان جو ڌيان ان حقيقت طرف ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ننڍ?? کنڊ ۾ رهندڙ مسيحي برادري تحريڪ پاڪستان جو ساٿ ڏنو هو، مثال طور پنجاب اس??مبلي مسيحي ميمبرن قائداعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي پاڪستان ۾ حق ۾ ووٽ ڏنو هو، جيڪڏهن ان وقت هو خدا نه ڪري ڀارت جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏين ها ته پنجاب جي حوالي سان م??لم ليگ مشڪل جو شڪار ٿي سگهي پئي، پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني عوام ان تاريخي تعاون جي ڪري مسيحي برادري کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي، دنيا ۾ جتي به قومن ترقي ڪئي آهي انهن سڀني جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي عمل ڪيو آهي، اتي شخصي ۽ مذهبي طور تي مڪمل آزاديون ڏنيون ويون آهن، پاڪستان جي آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بنيادي انساني حقن ۽ آزادي کي آئيني تحفظ ڏنو آهي، اسان جو آئين ملڪ جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ اقليتن جي حقن جو محافظ آهي، اسان کي گڏجي پاڪستان کي ترقي ڏيڻي آهي، اسان کي پاڪستان جي ماحول کي بهتر کان بهتر ڪندي امن ۽ سلامتي جو گهوارو بڻائڻو آهي، قومي اس??مبلي جي اس??يڪر چيو ته مون کي اميد آهي ته ايف او آر بي ۽ تحقيقات اس??امي ادارو ملڪ ۾ امن، سڪون ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سدائين سرگرم رهندو.
پاڪستان جي آئين ۾ هر قسم جي مذهبي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری