نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وز??را??ظم محمد شهباز شريف اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي ملاقاتون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيون. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وز??ر مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
وزيراعظم جُون ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha