بيونس آئرس _ 6 جون (اي پي پي ) ارجنٽائن جي حڪومت خرچن ۾ ڪٽوتي جي مهم بيلٽ ٽائٽنگ تحت50 هزارسرڪاري ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شنهوا مطابق ارجنٽائن جي صدر جيويئرملي گذريل ڏينهن هڪ تقريب کي خطاب ۾ ??يو ??ه حڪومت خرچن ۾ ڪٽوتي جو 7 نڪاتي منصوبو جوڙيو آهي . هن ??يو ته پينشن سڌارن ذريعي مالياتي خرچن ۾ گهٽتائي تي ڪانگريس ذريعي عملدرآمد ڪري سگهجي ٿو . هن جو چوڻ هو ??ه حڪومت وزارتن جي انگ ۾ گهٽتائي ڪري پوري ڍانچي کي گهٽ ڪري اڌ ڪري ڇڏيو آهي . هن ڪاروباري اڳواڻن، ??يڙ??ڪارن ۽ اقتصادي ماهرن کي ٻڌايو ته اسان مجموعي طور تي 75 هزار سرڪاري ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي جنهن مان 25 هزار پهريان ئي فارغ ٿي چڪا آهن . سن??س چوڻ هو ته انهن ڪفايت شعاري جي قدمن کي مخالف ڌر، مزدور ڪنفيڊريشنز، يونينز ۽ سماجي تنظيمن رد ڪري ڇڏيو آهي پر کين ٻڌائي رهيو آهيان ته ايئن ٿي ئي رهندو.هن ??يو ته اسان نه رڳو معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون پر بدعنواني کي به ختم ڪري رهيا آهيون.
ارجنٽائن ، حڪومت پاران خرچن ۾ ڪٽوتي مهم تحت 50 هزار سرڪاري ملازم فارغ ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس