ابوظهبي- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارت ۾ پاڪستان سفارتخاني يو اي اي حڪومت طرفان پاڪستاني شهرين تي ويزا پابنديون لاڳو ڪرڻ جي سببن جو حوالو ڏيندي چيو ته دستاويز شيئر ڪرڻ بابت ميڊيا رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ابوظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڪالهه جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ دعويٰ حقيقتن غلط آهي، يو اي اي جي عملدارن اهڙو ڪو دستاويز شيئر ??اهي ڪيو. پاڪستان جي ??و اي اي سان مضبوط ۽ خوشگوار ناتا آهن ۽ ٻئي حڪومتون گڏيل ڳڻتي جي ڪنهن به مسئلي کي باضابطه چينلز ۽ تعميري ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ پُرعزام آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سفارتخانو يو اي اي ۾ پاڪستاني شهرين جي ????اد?? جي تحفظ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ لاءِ يو اي اي اي جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن