اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هو قوم کي پنهنجي اثاثن بابت اڳ ۾ ئي اعتماد ۾ وٺي چڪو آهي، آئون نه مڃان وارو راڳ آلاپيندڙ اسان جي مثبت قدمن تي پنهنجي منفي رويي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن سردار محمد ع??فان ڊوگر، عالم داد لاليڪا ۽ ميان نجيب الدين اويسي سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ڌار ڌار ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته سمورين سياسي پارٽين جي راءِ موجب چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن ٺاهڻ جو في??لو ڪيو و??و آهي پر ان عمل تي به مخالف يو ٽرن وٺي ڇڏيو آهي ۽ کوکلن نعرن تي سياست ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج