اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ آف شور ڪمپنين جو تعلق ??مر??ن خان جي پارٽي تحريڪ انصاف سان آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن هفتن کان پا??ستان جي سياسي آسمان تي جيڪو بحث جو موضوع بڻيل آهي ۽ جنهن شخص بحث شروع ڪيو ۽ اخلاقي معيار مقرر ڪيا اهو ??ڄ سڀني آڏو آهي، ??مر??ن خان چوندو آيو آهي ته آف شور ڪمپني ٽيڪس بچائڻ، ڦريل دولت لڪائڻ ۽ مني لانڊرنگ ذريعي جيڪا رقم حاصل ٿئي ٿي ان کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ ٺاهي وڃي ٿي اهي ٽي معيار ??مر??ن خان ٽوئيٽ، تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسن ذريعي ٻڌائيندو رهيو هو ۽ ائين لڳي رهيو هو ته هن آف شور ڪمپني جو نالو پهريون ڀيرو ٻڌو آهي ۽ سندس آف شور ڪمپنين سان پري پري جو ڪو تعلق نه آهي ۽ آف شور جون برايون جيئن ته هاڻي کيس خبر پئي آهي جيئن جيئن انڪشاف ٿيندا ويا سندس چهري تان به پردو لهندو ويو.
سڀ کان وڌيڪ آف شور ڪمپنيون تحريڪ انصاف جون آهن: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada