اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران ??ان احتساب تحريڪ هلائڻ کان اڳ پنهنجي اڳوڻي ڊي جي احتساب ڪميشن جي چارج شيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ چندي ۾ گهپلن جو جواب ڏي، عمران ??ان عوام جي خدمت جي ايجنڊا تي ڌيان ڏي نه ته 2018ع جي چونڊن ۾ سندس سياست ختم ٿي ويندي. مختلف ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ايندڙ چونڊن ?? عمران ??ان جي سياست جو خاتمو ٿي ويندو، هو احتساب ??ي تحريڪ هلائڻ جو جواز وڃائي چڪو آهي ۽ عوام به سندس الزامن ??ي رد ڪيو آهي، جيڪڏهن هو سچو هجي ها ته عمران ??ان جو ڪنٽينر پويان هجي ها ۽ عوام اڳيان هجي ها.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر