اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پ?? پي) ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري وزيراعظم جي هدايت تي جمعي ڏينهن مخالف ڌر جي هڙتال د??را?? لاڏاڻو ڪري ويل ٻار محمد ابوبڪر جي گهر ويو ۽ ٻار جي ڏکائتي لاڏاڻي تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم پاران ٻار جي پ??نئيرن جي لاءِ 10 لک رپين جو اعلان ڪيو. مملڪتي وز??ر واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته شهر ۾ بيچيني پکيڙيندڙ احتجاج جي نالي تي شهر کي بند نه ڪن، شهرين ۽ انهن جي ٻارن تي رحم ڪن، انهن کي پرامن زندگي گذارڻ جي اجازت ڏين، شهري انهن شرپسندن جي ايجنڊا ۾ شامل نه آهن، انهن کي نارمل زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے