اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستاني سفارتڪار اقتصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمگيريت جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهجي ?? عالم?? برادري سان پاڪستان جي واپاري ۽ معاشي تعاون ۾ اضافو ٿي سگهي. هن اها ڳالهه ملڪ جي پهريون عورت پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر تهمينه جنجوعه کي سندس نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي بهترين صل??حيتن سان عالمي سطح تي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی