واشنگٽن- 16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اسان لڳاتار اهو چوندا پيا اچون ته پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي حوالي سان الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روزاني جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ بائيڊن انتظاميه جي مداخلت تي ??بص??و ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا پاڪست??ن سان پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، نيڊ پرائ?? عمران خان جي آمريڪا تي الزامن تان يوٽرين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو ان بليم گيم جي حوالي سان ??بص??و نه ڪندو، هن چيو ته جڏهن اهي الزام سامهون آيا ته اسان تڏهن کان لڳاتار چوندا پيا اچون ته ان ۾ ڪا به سچائي نه آهي، هن چيو ته اسان پاڪست??ن سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ سهڪار جو قدر ڪريون ٿا. اس??ن سدائين پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ جمهوري ملڪ طور ڏسڻ جا خواهشمند آهيون جيڪو اسان جي مفادن لاءِ گهڻو آهي ۽ ان موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته الزامن جي اها راند ختم ٿئي يا نه ٿئي اسان ٻطرفن لاڳاپن ۾ پروپيگنڊا يا غلط معلومات کي رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏينداسين ۽ پاڪست??ن سان لاڳاپا اسان جي لاءِ قابل ??در آهن. پاڪستان ۾ جيستائين سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن جو تعلق آهي اسان جي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا اڳواڻ طرفان ڪنهن ٻي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي حمايت جي حوالي سان ڪو موقف ناهي، اس??ن سڄي دنيا ۾ جمهوري، آئيني ۽ قانوني اصولن تي عملدرآمد جي حمايت ڪريون ٿا. آمريڪي ترجمان چيو ته اسان جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي سهڪار موجود آهي جيڪو ٻنهي لاءِ گهڻو اهم آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي درپيش خطرا آمريڪا لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا، اسان ان ڪم جو قدر ڪريون ٿا جيڪو اسان گڏجي ڪندا آهيون ۽ ان معاملي تي ان کان وڌيڪ ڳالهه نٿو ڪري سگهان.
پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پروپيگنڊا کي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado