گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان ج?? نمائندي منير اڪرم طرفان ڄمون ڪشمير تي ڀار??ي قبضي کي جديد دور جي نو آبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت ج?? نمائندن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ پاڪستان?? نمائند?? جي تبصرن تي رد عمل ظاهر ڪندي ڀارت ج?? نمائندي چيو ته گڏيل قومن خوداراديت واري حق جي اصول کي بقيه 17 نان سيلف گورننگ علائقن جي ڊي ڪالونائيزيشن جي حوالي سان بيان ڪيو هو، نه ئي ڪنهن ميمبر ملڪ جي علائقائي سالميت کي مجروح ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير ۽ لدا?? هميشه ڀارت جو اڻٽٽ حصو رهيا آهن ۽ رهندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ قونصلر نعيم صابر خا?? ان ڳالهه جو فوري جواب ڏيندي چيو ته نوآبادياتي ملڪن ۽ ماڻهن کي آزادي ڏيڻ جا اعلان نه صرف ڪجهه علائقن جي ماڻهن جا نهن پر سڀني اهڙن ماڻهن جي خوداراديت واري حق هجڻ جي تصديق ڪري ٿو جن جي علائقن تي زبردس??ي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير کي گڏيل قومن جي نقشن تي هڪ تڪراري علائقو قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ 200 ملين کان وڌيڪ مسلمان، عيسائي ۽ ٻين اقليتن کي سنگين ۽ کليل امتيازي سلوڪ درپيش آهي. ڀارت اندر اسلامو فوبيا ۾ خوفناڪ اضافو ب?? جي پي ۽ آر ايس ايس حڪومت جي هندو پرست ايجنڊا جي انڌي تقليد ۽ اسلام مخالف ۽ مسلم مخالف بيان باز?? جي واضح حمايت جو نتيجو آهي. پاڪستان?? نمائندي چيو ته ڀارت ۾ اڄ ڪا به اقليت محفوظ ناهي.
گڏيل قومون: ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نوآبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز