دوحه-21 نومبر (اي پي پي) عالمي تنظيم ريڊڪراس جي صدر مير جانا سپولجارڪ حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه سان ملاقات ڪئي. سع??دي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق انٽرنيشنل ڪميٽي آف ريڊڪراس(آءِ سي آر سي)جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ميرجانا سپولجارڪ اسرائيل ۽ غزه ۾ جاري جنگ س??ب پيدا ٿيل انساني مسئلن تي پيش رفت لاءِ حماس پوليٽيل بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه سان قطر ۾ ملاقات ڪئي ان کانسواءِ هن قطر اختيارين سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. آءِ سي آر سي زور ڏنو آهي ته مير جانا سپولجارڪ جو دو??و ان ڪاوشن جو حصو آهي جنهن جي تحت عالمي انساني قانون جي بهتر پاسداري لاءِ سمورن ڌرين سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. آءِ سي آر سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مير جانا سپولجارڪ ويجهن هفتن ۾ يرغمالين جي ڪٽمبن کانسواءِ اسرائيلي ۽ فسلطيني اعلي اختيارين سان به ملاقاتون ڪيون آهن. آءِ سي آر سي زور ڏنو ته متاثرن کي فوري تحفظ فراهم ڪرڻ غزه پٽي ۾ پيدا ٿيل تباهه ڪن انساني صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ مسلسل اپيل ڪر?? رهيو آهي. غزه ۾ آءِ سي آر سي جو عملو زندگين کي بچائڻ جي غرض سان مدد فراهم ڪر?? رهيو آهي.
ريڊڪراس جي صدر جي حماس سربراهه اسماعيل هانيه سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔