انقره-30 نومبر (اي پي پي)ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته اسان يرغمالين جي آزادي ۽ غزه ۾ پائيدار جنگ بندي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. چيني خابرو اداري موجب فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سوشل ميڊيا ايڪس تي جاري پوسٽ ?? هن چيو ته اسان يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ بندي کي مستقل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رابطن کي تيز ڪنداسين. هن چيو ته اميد آهي ته اسان جا قدم مستقبل ۾ گهڻ رخي انداز ۾ جاري رهندا. هن چيو ته ترڪ حڪومت غزه جي ماڻهن لاءِ انساني امداد جي پهچ جاري رکي آهي ۽ هن وقت تائين 12 امدادي جهاز ۽ هڪ جهاز مصر موڪليو آهي. هن چيو ته اسان زخمي ماڻ??ن، خاص طور تي ڪينسر جي مريضن ۽ ٻارن کي ترڪي کڻي وڃي انهن جو علاج ڪري رهيا آهيون ۽ اسان غزه ۾ ترڪ فيل?? اسپتال قائم ڪنداسين جنهن لاءِ هنڌ جي ڳولا جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ