ماسڪو-05 ڊسمبر (اي پي پي) روسي صدر ولادي ميرپيوٽن هلندڙ هفتي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جو دؤرو ڪندو. روسي ذريعن پيوٽ?? جي معاون يوري اوشاڪوف جي حوالي سان ٻُڌايو ته صدر پيوٽن پهرين گڏيل عرب امارات ۽ پوءِ سعودي عرب ويندو، جتي هو سعودي و??ي عهد محمد بن سلمان سان گڏ ملاقات ڪندو. يوري اوشاڪوف ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي اڳواڻ?? جي ملاقات انتهائي مفيد ثابت ٿيندي. واضح رهي ته روس، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ٽيئي ملڪ تيل روانگي واپار ڪندڙ ملڪ?? جي تنظيم اوپيڪ پلس جا ميمبر آهن. اوپيڪ گذريل خميس تي خام تي?? جي پيداوار ۾ رضاڪارانه طور تي 22 لک بيرل ڏهاڙي گهٽتائيءَ تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج