رياض-05 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده ف??صل بن فرحان چيو آهي ته غزه پٽي ۾ في الحال جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊرڊ ۾ ٿيل پرڏيهي معاملن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گڏيل قومن جي فيصلي جي روشني ۾ سعودي عرب غزه ۾ عالمي فوج مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو. ان عالمي فوج جو مقصد فلسطيني اٿارٽي جي مدد ڪرڻ هوندو. شهزاده ف??صل بن فرحان چيو ته غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسان کي روزانو اهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل کي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن.هن چيو ته اسپين سميت ٻين يورپي ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسيلم ڪرڻ جا اعلان اميد جو هڪ ڪرڻو آهن. شهزاده ف??صل بن فرحان چيو ته اسان کي لبنان جنگ جي ڦهلجڻ جو خدشو آ??ي ڇاڪاڻ ته لبنان ۾ ڪو به مستحڪم سياسي منظر نامو نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي خطاب ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته غزه ۾ جاري جنگ رڪجڻ سان لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ رڪجڻ ۾ مدد ملندي.
غزه پٽي ۾ جنگ بندي جا آثار نظر نه ٿا اچن: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر