گڏيل قومون -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته هن غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ ٿيل تباهي ۽ فوتگين جهڙي صورتحال ڪٿي به ناهي ڏٺي. آمريڪي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽڊ پريس کي ڏنل انٽرويو ۾ هن اپيل ڪئي ته گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري ج??رل جي حيثيت سان سندس ستن سالن جي دور ۾ ٿيل ان بدترين تباهي ۽ فوتگين کي روڪڻ گهرجي.هن چيو ته اهو سوچڻ غير حقيقي آهي ته گڏ??ل قومون غزه جي مستقبل ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي يا ان علائقي ج?? انتظام ڪري يا امن فوج فراهم ڪري، ڇو ته اسرائيل طرفان گڏ??ل قومن جي ڪردار کي قبول ڪرڻ جو امڪان ناهي. تنهن هوندي به هن چيو ته گڏ??ل قومون ڪنهن به جنگبندي ج?? حمايت لاءِ دستياب آهن. هن گڏ??ل قومن جي غزه ۾ جنگ بندي ج?? ڪنهن به قسم جي نگراني ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. گڏ??ل قومن جو وچ اوڀر ۾ 1948ع کان هڪ فوجي نگران مشن جاري آهي، جنهن کي يو اين ٽي ايس او جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري ج??رل چيو ته يقيناً عالمي برادري اسان کي ج??ڪو به چوندي اسان اهو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سوال اهو آهي ته ڇا اسرائيل ان کي قبول ڪندو. هن غزه ۾ جنگ بندي ج?? ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته غزه ۾ اسان جنهن قسم جون مصيبتون ڏسي رهيا آهيون، ان جو گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري ج??رل جي حيثيت سان منهنجي مينڊيٽ ۾ مثال نٿو ملي. مون ايتريون فوتگيون ۽ تباهي ڪڏهن به ناهي ڏٺي ج??تري اسان گذريل ڪجهه مهينن ۾ غزه ۾ ڏسي رهيا آهيون. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته اسرائيل ۽ فلسطين جي ڏهاڪن کان پراڻي تڪرار جو ٻه رياستي حل نه رڳو قابل عمل آهي پر هي واحد حل به آهي. گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري ج??رل چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته 50 لک فلسطيني هڪ رياست ۾ بغير ڪنهن حق جي رهي رهيا آهن، ڇا اهو ممڪن آهي؟ ڇا اسان ماضي ۾ ڏکڻ آفريقا جهڙن خيالن کي قبول ڪري سگهون ٿا؟ هن چيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته اوهان اهڙن ٻن ماڻهن کي گڏ رکي سگهو ٿا، جيڪي برابري ۽ احترام جي بنياد تي ناهن. پر جيڪڏهن اسان وچ اوڀر ۾ امن چاهيون ٿا ته منهنجي خيال ۾ ٻه رياستي حل ضروري آهي. غزه جي صحت واري وزارت مطابق اسرائيلي جارحيت ۾ هن وقت تائين 40 ??زا?? 900 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. غزه ۾ 11 مهينن کان جاري اسرائيلي ڪارروائين وڏي پئماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ غزه جي 23 لک آبادي مان اٽڪل 90 سيڪڙو کي ڪيترائي ڀيرا بي گهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته والاري?? اولهندي ڪناري ۾ به اسرائيلي تشدد نين بلندين تائين پهچي ويو آهي.
غزه جهڙي خونريزي ۽ تباهي ڪٿي ناهي ڏٺي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا