اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اڄ ٻيهر پاناما ليڪس ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿيو آهي، پي ٽي آءِ جو پورو ڪيس اخباري خبرن تي ٻڌل آهي. پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪا??فر??س کي خطاب ڪري رهي هئي. هن چيو ته عمران خان جي ايندڙ اليڪشن ۾ ناڪامي واضح نظر اچي چڪي آهي ان لاءِ هو ڪوڙ ۽ الزامن جي ڀرمار ڪري رهيا آهن. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ ٻيهر عمران خان عدالت?? ڪارروائي جي حوالي سان ڪوڙ تي ٻڌل پريس ڪا??فر??س ڪري قوم کي گمراهه ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث