اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جي دوري دوران ڀرپور ميزباني تي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن جا ٿورا مڃيا آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جيڪو دوري دوران وزيراعظم سان گڏ هو ملڪ واپسي ??انپوءِ پنهنجي سماجي رابطن ??اري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي پيغام ۾ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير خاص طور تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جا ٿورا مڃيا جنهن وفد کي ڪعبته الله ۽ روضه رسول صه ۾ داخل ٿيڻ ج?? موقعو فراهم ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز