اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وف??قي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ جو پئسو ڦري ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪندڙن جي خلاف حڪومت ٽاسڪ ف??رس قائم ڪري ڇڏي آهي، ٽيڪس چورن جي لاءِ اڃا به وقت آهي صحيح ٿي وڃن نه ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2018ع تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وف??قي وزير اسد عمر چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو ٿورائتو آهيان جو هن بجيٽ جي حوال?? سان خيالن جو اظهار ڪيو پر ائين لڳي ٿو ته کيس بجيٽ جي حوال?? سان صحيح ناهي ٻڌايو ويو. هن چيو ته سي پيڪ ۾ شامل سمورن توانائي منصوبن تي 75 سيڪڙو قرض ۽ 25 سيڪڙو ايڪويٽي آهي.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ