ماسڪو-27 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي اڳ??ڻي صدر دمتري مددوف چيو آهي ته نيٽو ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ جو سبب بڻجندو جنهن جو نتيجو انسانيت ل??ءِ ٻي عالمي جنگ کان به وڏي تباهي هوندو. روس جي خابرو اداري موجب روس جي اڳ??ڻي صدر دمتري مددوف گذريل ڏينهن ٽيلي گرام پوسٽ ۾ خبردار دار ڪيو ته اولهه يوڪرين کي وڏا هٿيار فراهم ڪري نازي ازم جو مظاهرو ڪندي دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. دمتري مددوف جيڪو هن وقت روس جي سلامتي ڪائونسو جو نائب چيئرمين آهي، آمريڪا طرفان يوڪرين کي ابرامز ٽينڪن جي فراهمي، آمريڪا طرفان يوڪرين کي ڊگهي مدي تائين مار ڪندڙ ٽيڪنيڪل ميزائيل سسٽمز (اي ٽي اي سي ايم ايس) جي فراهمي جي مبينه واعدي تي چيو ته ائين لڳي ٿو ته روس وٽ نيٽو سان سڌو سنئون تڪرار کانسو??ءِ ڪو به رستو باقي ناهي بچيو. هن ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي اڳ??ڻي نازي فوجي جنهن جرمن آمر ايڊولف هٽلر جي ڪمان هيٺ فوجي يونٽن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ته نيٽو هٽلر جي محوري طاقتن جي اتحاد وانگر سر ي عام فاشٽ بلاڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي جنهن ۾ ۽ هٽلر جي اتحاد ۾ واحد ف??ق ا??و آهي ته هي اتحاد ماضي جي اتحاد کان وڌيڪ وڏو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضرورت پوڻ تي روس نيٽو خلاف مقابلو ڪرڻ ل??ءِ تيار آهي، هن خبردار ڪيو ته اهڙي طرح جا تڪرار انسانيت ل??ءِ تباهي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجندو، هن خبردار ڪيو ته ان جو نتيجو انسانيت ل??ءِ 1945ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ن??صا?? ٿيندو. واضح رهي ته روس جي اڳ??ڻي صدر ۽ روس جي حڪومت ڪيترائي ڀيرا يوڪرين کي هٿيارن جي مسلسل فراهمي روس ۽ نيٽو وچ ۾ سڌي سنئن ٽڪراءُ جي خطري کان خبردار ڪري چڪي آهي.
اولهه دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان به وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي: روس جو اڳوڻو صدر
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria