بيجنگ-12 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان سان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران غزه جي صورتحال ۽ ٻه طرفه لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ??ابرو اداري جي رپورٽ مطابق وانگ يي چيو ته فلسطيني ??سرائيل تڪرار تي چين جو مؤقف جنگبندي ۽ تڪرارن کي جلد کان جلد ختم ڪرائڻ، انساني ??مداد کي يقيني ??نائڻ ۽ ٻه رياستي حل طرف واپسي آهي. ايراني پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران غزه ۾ انساني ??نيادن تي جنگبندي ??اءِ چين جي ڪوششن کي ساراهيو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ جو مؤقف عرب ملڪن جي مؤقف سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ اسلامي ملڪن ۽ عالمي برادري سان تمام گهڻو هم خيال آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي غزه جي صورتحال تي مضبوط آواز بلند ڪرڻ ??هر??ي ۽ تڪرارن تي وڌيڪ متحد مؤقف بڻائڻ ??هر??ي. چين ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان وانگ يي چيو ته سندس ملڪ ايران سان هن سال ٻنهي ملڪن سربراهن جي ملاقاتن دوران چين جي صدر شي جن پنگ ۽ ايراني ??در ابراهيم رئيسي وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ تيار آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙي تي چين جا شڪرگذار آهيون ۽ ايران مختلف شعبن ۾ چين سان سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار آهي.
چيني پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان ٽيليفون رابطو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی