اوٽاوا-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظ?? جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ??ار?? ملڪ جي خودمختياري ۾ دخل اندازي ڪري هڪ خوفناڪ غلطي ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته ڪينيڊا جي وزيراعظم پرڏيهي دخل اندازي جي معاملي تي گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميشن آڏو گواهي ۾ چيو آهي ته ??ار??ي حڪومت اهو سوچي خوفناڪ غلطي ڪئي آهي ته هن ڪنهن خومختيار ملڪ جي معاملن ۾ ان حد ??ائين جارحاڻي دخل اندازي ڪري سگ??ي ٿو جيئن هنن ڪينيڊا جي تحفظ ۽ خودمختياري ۾ ڪئي. اسان کي ڪينيڊا جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪينيڊا ڀ??رت سان پنهنجي قيمتي ناتن کي تباهه ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هرديپ سنگهه جي قتل کان پوءِ اسانکي واضح اشارا مليا آهن ته ??ار?? ڪينيڊا جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي آهي . هن چيو ته اسان ??ار?? کي اڪسائڻ يا ان سان ويڙهه نٿا چاهيون پنهنجي گواهي ۾ جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چيو ته انٽيليجنس معلومات ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مخالف سياسي جماعت ڪنزر ويٽيو پارٽي به غير ملڪي دخل اندازي جي ڪوششن ۾ شامل هئي يا شموليت جو انتهائي خطرو موجود هيو . ان کان اڳ ڪينيڊا جي پوليس الزام هنيو هو ته ??ار??ي سفارتڪارن ڪرمنل نيٽ ورڪ سان گڏجي سکن کي نشانو بڻايو پر ??ار?? ان جي ترديد ڪئي آهي.
ڀارت ڪينيڊا جي خودمختياري ۾ جارحاڻي مداخلت ڪئي: وزيراعظم ٽروڊو جو انڪوائري ڪميشن ۾ بيان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام